انيس الدين ڀٽي

انيس الدين ڀٽي

انيس الدين ڀٽي

انيس الدين ڀٽي: پروفيسر ڊاڪٽر انيس الدين ڀٽي 1957ع ڌاري سکر ۾ جنم ورتو. سندس وڏن جو تعلق اروڙ سان رهيو آهي، ناليواري اديب رشيد ڀٽي مرحوم سان ويجهڙائي رهيس، جو سندس ويجهو مائٽ هو. ڊاڪٽر انيس الدين، انٽر تائين تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي، ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري 1983 ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين.
1992ع ۾ هن آرٿوپيڊڪ سرجريءَ ۾ ايف سي پي ايس ڪئي. هن سنگاپور جرمني ۽ انگلينڊ مان فيلو شپ حاصل ڪيائين. پاڻ مختلف ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جن ۾ پروفيسر آرٿوپيڊڪ ۽ ٽراما سينٽر جناح اسپتال ڪراچي؛ چيئرمئن پيڊياٽرڪ آرٿوپيڊڪ فورم پاڪستان، وائيس پريزيڊنٽ آرٿو پيڊڪ ايسوسيئيشن آف سارڪ (SAARC) جڏهن ته هو پاڪستان آرٿوپيڊڪ ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو آهي. پروفيسر انيس الدين ڀٽيءَ آرٿوپيڊڪ سرجريءَ جي مختلف عنوانن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکي ٻاهرين ملڪن ۾ ڇپايا آهن. پاڻ ٽن ڪتابن جو ليکڪ به آهي.
1- History of JPMC, Karachi “JPMC a National Pride”.
2- Archives of Orthopedic Surgery JPMC
3- Manual of Operation Theater Management
ڊاڪٽر انيس ڀٽيءَ ملڪ جي ڪيترن ئي هڏين جي ڊاڪٽرن جي تربيت ۽ رهنمائي به ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪامياب آپريشن به ڪيا اٿس. پاڻ ڪراچيءَ سان گڏ سکر ۾ به مريضن جي علاج لاءِ وقت ڏئي ٿو.


لفظ انيس الدين ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو